سيد شفقت حسين موسوي

سيد شفقت حسين موسوي: سيد شفقت حسين موسوي ولد سيد عطا حسين موسوي 25 ڊسمبر 1924ع تي سنڌ جي قديم شهر روهڙي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم روهڙي مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ 1946ع ۾ چيلاسنگهه ائنڊ سيتلداس ڪاليج شڪارپور مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين، جنهن کانپوءِ 1943ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري قانون جي سند حاصل ڪيائين. قانون جي سند حاصل ڪرڻ کان پوءِ باقاعدي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ پنهنجي وقت جو ناميارو قانوندان ثابت ٿيو.
شاهه صاحب 1953ع ۾ ملڪ جي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ سال روهڙيءَ جي تڪ تان بنا مقابلي سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر مقرر ٿيو. صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرشپ دوران پاڻ پنهنجي ذهانت ۽ قابليت جي ڪري ان وقت سنڌ جي وزيراعليٰ عبدالستار پيرزادي جو پارليامينٽري سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان کان پوءِ شاهه صاحب 1956ع ۾ پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر مقرر ٿيو. سيد شفقت حسين موسوي نه صرف قانون ۽ سياست جي ميدان ۾ پاڻ موکيو، پر ان سان گڏ تعليمي ميدان ۾ پڻ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ٻه ڀيرا ميمبر چونڊيو. سکر جي اسلاميه ڪاليج ۽ اورينٽئل ڪاليج جي بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو ۽ انهيءَ دوران ٻنهي ڪاليجن جي ترقيءَ، فلاح ۽ بهبود لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيائين. ان کان سواءِ سکر جي ريڊ ڪراس، فيملي پلاننگ ڪميشن، مهراڻ ڪلچر ايسوسيئشن ۽ روهڙيءَ جي آر. ڊي چنديرام ويم گهر جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو.
شاهه صاحب راندين ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ به حصو ورتو ۽ انهن ڪاميٽين جو پاڻ ڪڏهن صدر ته ڪڏهن سيڪريٽري ٿي رهيو. هن سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرمين سان گڏ، علم ادب جي طرف به توجهه ڏنو. ڪيترائي علمي ۽ ادبي مضمون لکيائين، جيڪي وقت بوقت ان دور جي ادبي رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
سيد شفقت حسين شاهه، 18 جمادي الاول 1378هه بمطابق 30 نومبر 1958ع تي وفات ڪئي.


لفظ سيد شفقت حسين موسويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.12.25  عيسوي

سيد شفقت حسين موسوي ولد سيد عطا حسين موسوي 25 ڊسمبر 1924ع تي سنڌ جي قديم شهر روهڙي ۾ ڄائو.


1958.11.30  عيسوي

سيد شفقت حسين شاهه، 18 جمادي الاول 1378هه بمطابق 30 نومبر 1958ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام ڏيسر-I
الهه بچايو کوسو
نواب سعيد خان
خروشچيف
پوپ بينيڊيڪٽ 16هون پوپ
استاد محمد خان ڏيڌڙو
سيد عبدالله شاهه:
بچايو رند
ڊيموڪِرِيٽَس يوناني فلاسافر
ڀڳوان ايس گدواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون